لاچين: وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري تاجڪستان روانو ٿي ويو آهي، وزيراعظم جي تاجڪ صدر سان ٻطرفي ملاقات شيڊول آهي.
وزيراعظم شهباز شريف تاجڪ قيادت سان واپار، توانائي، ۽ سرمائيڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، ٻنهي ملڪن ۾ مختلف معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جو به امڪان آهي
ياد رهي ته شهباز شريف جي آذربائيجان جي دوري دوران ٽه آفريڪي اجلاس ۾ صدر الهام عليوف پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر جي سرمائيڪاري جو اعلان ڪيو هو.
ٽه آفريقي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو هو ته ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪڻ چاهي ٿو جيڪو ڪڏهن به نه ٿي سگهندو، پاڻي پاڪستان جي لائف لائن آهي