ڀارت جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪندو ته فوري ۽ يقيني جواب ڏنو ويندو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪندو ته فوري ۽ يقيني جواب ڏنو ويندو.

برطانوي ميڊيا سان گفتگو ڪندي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽي ملڪ آهن، سنگين ڇڪتاڻ تباهي جو ڪارڻ بڻجندي، جيڪڏهن ڀارت سمجهي ٿو ته هو پاڪستان خلاف جنگ ڪندو ته ان سان خطي ۾ تباهي ايندي.

هن چيو ته آمريڪا جهڙا ملڪ جوهري خطرن کي ڏسندي ڀارتي عزمن کي چڱي ريت ڄاڻي چڪا آهن، ڀارت اندروني معاملو قرار ڏئي ڀارتي فوج جي موجودگي سان ڪشميرين کي هراسان ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔