اسلام آباد: آپريشن بنيان مرصوص جي تحت پاڪ فوج طرفان فتح 1 ۽ 2 ميزائل سسٽم سان پٺاڻ ڪوٽ کي حدف بنائڻ جي به وڊيو سامهون اچي وئي آهي.
پاڪستان طرفان 19 مئي تي ٻين هٿيارن کان علاوه فتح ون ۽ 2 سان پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس تي ڪامياب ميزائل حملا ڪيا ويا. پاڪ فوج جي فتح 1 ۽ 2 ميزائل سسٽم ڀارت جي اهم ٺڪاڻن کي راک جو ڍير بنائي ڇڏيو. ٻنهي ميزائل سسٽم ڪاميابي سان دشمن جي اهم ٺڪاڻن کي انتهائي درستگي سان نشانو بنايو.
پاڪستان مهارت سان ٻنهي ميزائل سسٽم کي استعمال ڪري ڀارتي ملٽري ٺڪاڻن کي ڳرو نقصان پهچايو. ياد رهي ته 10 مئي جو ڏينهن ڀارتي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. پاڪ فوج دشمن تي حملو ڪري انهن کي جنگبندي تي مجبور ڪيو