اسلام آباد:قومي اقتصادي ڪونسل(ايڪنڪ) 355 ارب روپين کان وڌيڪ جي 9 ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايڪنڪ 355 ارب روپين کان وڌيڪ جي 9 ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني اهي منصوبا ٽرانسپورٽ، توانائي، تعليم، پاڻي، واپار، سياحت ۽ قدرتي آفتن کان پوءِ جي بحالي جا آهن.
انهي کان علاوه خيبرپختونخواهه ۾ ڏوراهين علائقن ۾ روڊن جي بهتري ۽ سياحت بابت منصوبي جي به منظوري ڏني وئي آهي. جڏهن ته ايف بي آر جي ڪسٽمز ڊيجيٽل انفورسمنٽ اسٽيشنز جي قيام ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ مينجمينٽ سسٽم جي ترقي جو منصوبو منظور ٿي ويو آهي.
پڌرائي موجب سنڌ ۾ ٻوڏ سب متاثر انفرااسٽرڪچر جي بحالي، تعليم بابت منصصوبا منظور ڪيا ويا آهن. ڪوئٽه ۾ منگي ڊيم، پاڻي جي ورهاست جي نظام، 100 ڊيزل اليڪٽرڪ لوڪوموٽيوز جي مرمت، اسلام آباد وبريان ۾ ٽرانسميشن سسٽم مضبوط بنائڻ ۽ داسو هائيڊرو پاور منصوبي جي به اصولي منظوري ڏني وئي آهي.