ڪراچي: ملڪ جي ٻين علائقن جيان اچ کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هيٽ ويو جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب فضا ۾ هوا جو وڌيڪ دٻاءُ موجود آهي جنهن سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ کان 20 مئي جي دوران هيٽ ويو جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته دادو، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، سکر ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ گرمي پد معمول کان 5 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهجي سگهي ٿو.
انهي کان علاوه بدين، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ حيدرآباد ۾ گرمي پد معمول کان 3 کان 5 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.