ڪراچي: ڪراچي ۾ ڪبوترن سان پکڙجندڙ ڦڦڙن جي بيماري ۾ اضافو ٿيڻ لڳو آهي. نجي اسپتال ۾ هفتيوار 15 کان 20 ڪيسز رپورٽ ٿي رهيا آهن.
رپورٽ موجب ڦڦڙن جي مرض جي ماهر ڊاڪٽر محمد عرفان چيو آهي ته ڪبوترن مان پکڙجندڙ بيماري برڊ فينسرز لنگز مان وڌيڪ عورتون متاثر ٿي رهيون آهن. ڪبوترن جي پرن مان نڪرندڙ ذرات ساهه جي نالي ۾ جمع ٿي ويندا آهن ۽ اهي ذرات الرجي ۽ ڦڦڙن جي سوڄ جو سبب بڻجي رهيا آهن.
هن ٻڌايو ته ڪبوتر جي پرن جا ذرات درين ۽ اي سي جي ذريعي گهرن ۾ داخل ٿيندا آهن، مريضن کي اسٽيرانڊز، آڪسيجن يا ڦڦڙن جي پيوندڪاري جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. هن چيو ته بيماري کان بچاءُ جي لاءِ ڪبوترن کان پري رهڻ ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ضروري آهن