لاهور قلندر۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو ميچ برسات سبب ختم

لاهور : پي ايس ايل 10 ۾ لاهور قلندرز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي وچ ۾ ميچ هوا، مٽي ۽ تيز برسات سبب بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ڪيو ويو. ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو. اسلام آباد 10 پوائنٽن سان ٽيبل جي پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته لاهور قلندرز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز 9-9 پوائنٽن سان ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي آهن. لاهور ۾ کيڏيل ڏينهن جي ٻئي ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. اوپنر فخر زمان بنا ڪنهن رنسن جي آئوٽ ٿي ويو. محمد نعيم ۽ عبدالله شفيق ٻئي وڪيٽ لاءِ 102 رنسن جي ڀائيواري ڪئي. محمد نعيم پنهنجي 50 رنسن جي اننگز ۾ چار ڇڪا هنيا. عبدالله شفيق 52 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ ناٽ آئوٽ رهيو. ڊيرل مچل جي وڪيٽ 111 جي اسڪور تي ڪري پئي. لاهور ۾ تيز هوائن سبب ميچ روڪيو ويو، جيڪو ٻيهر شروع نه ٿي سگهيو ۽ ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ مليو. ٽاس کان پوءِ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سعود شڪيل چيو ته بالنگ يونٽ گذريل ٽن ميچن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي، ۽ کيس اميد آهي ته هن ميچ ۾ به سٺي بالنگ ٿيندي. لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان ٽاس کٽي ها ته پهريان بيٽنگ ڪريون ها. 170 کان 180 رنسون دفاع لاءِ هڪ سٺو هدف هوندو. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو محمد عامر بخار ۾ مبتلا هجڻ سبب ميچ ٽيم جو حصو نه هو. ٽيم جي ترجمان چيو ته ابھرندڙ فاسٽ بالر محمد ذيشان کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي. گذريل ميچ ۾، ڪراچي ڪنگز ملتان سلطانز کي 87 رنسن تان شڪست ڏئي پلي آف مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔