فلمي ڪردار ۾ ٻُڏي وڃڻ کي ترجيح ڏيندو آهيان: نواز الدين صديقي

ممبئي : ننڍن ڪردارن کان مرڪزي ڪردارن ۾ اچڻ جي جدوجهد ڪندڙ اداڪار نواز الدين صديقي چيو آهي ته مان ڪردارن ۾ ٻڏي وڃڻ کي ترجيح ڏيندو آهيان.
هڪ انٽرويو ۾ نواز الدين صديقي چيو ته ٻين اداڪارن جيان منهنجو مقصد به اهو ئي هوندو آهي ته پنهنجي ڪردار ۾ ان قدر ٻڏي وڃان جو پاڻ کي ئي نظر نه اچان.
هن چيو ته مون لاءِ پاڻ کي پريزنٽيبل بڻائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، مون کي اهو سٺو لڳندو آهي ته مان ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي ٻين کي ڏسان ۽ ٻيا مون کي نه ڏسي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔