فيصلو ڪريو ته سول نظام ناڪام آهي، سڀ ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلايو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام شهري جي ٽرائل بابت فيصلي خلاف وفاقي حڪومت پاران داخل انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران جسٽس جمال خان مندوخيل اٽارني جنرل سان ڳالهائيندي چيو ته اهو پاليسي فيصلو به ڪري ڇڏيو ته سول نظام ناڪام ٿي چڪو آهي، سڀئي ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪلي ڇڏجن. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ملٽري ٽرائل خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعوان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته مون کي ٽن نڪتن تي دليل ڏيڻا آهن. 9 مئي جي واقعن بابت وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث اڳ ئي دليل ڏئي چڪو آهي، مان به ان معاملي تي ڪجهه تفصيل عدالت آڏو پيش ڪندس. اٽارني جنرل چيو ته منهنجن دليلن جو ٻيو حصو مرڪزي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڏنل يقين ڏيارڻين بابت هوندو، جڏهن ته دليلن جو ٽيون نقطو اپيل جي حق سان لاڳاپيل هوندو .اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته ملٽري ٽرائل جو منهن ڏيندڙ ماڻهن کي اپيل جو حق ڏيڻ هڪ پاليسي معاملو آهي، ان بابت هدايتون وٺي ئي عدالت آڏو عرضون رکي سگهندس.اٽارني جنرل چيو ته پهريان سنڌ ڪينال واري معاملي تي مصروفيت رهي، هاڻي ڀارت جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، ان سبب به مصروفيت رهي، اڄ عالمي عدالت انصاف روانگي هئي پر منسوخ ڪئي وئي. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏيندي چيو ته پارليامينٽ جو جيڪو ڪم آهي، اهو انهن جو پاليسي معاملو آهي، اسان کي صرف هن ڪيس جي حد تائين معاملو ڏسڻو آهي. اٽارني جنرل چيو ته مون ته صرف پنهنجون عرضون پيش ڪيون آهن، اڳتي ٻڌڻي لاءِ وقت ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو عدالت ڪرڻو آهي، ملٽري ايڪٽ جون شقون 1967 کان موجود آهن. ان موقعي تي جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو پاليسي فيصلو به ڪري ڇڏيو ته سول نظام ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ سڀ ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪلي ڇڏجن. جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته دليلن لاءِ ڪيترو وقت گهربل هوندو، جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته مان 45 منٽن ۾ پنهنجا دليل مڪمل ڪري وٺندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔