سموري ملڪ ۾ اڄ به هيٽ ويو جي لهر جاري، موسميات کاتي گرمي پد معمول کان 7 ڊگري وڌيڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي
ڪراچي: موسميات کاتي سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ اڄ به هيٽ ويو ۽ گرمي پد معمول کان 7 ڊگري وڌيڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
لاهور، پشاور، سرگودها ۽ ملتان سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ گرمي پد 40 ڊگري کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته سکر، نوابشاهه، مٺي، سبي ۽ تربت ۾ 45 ڊگري يا انهي کان به وڌيڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن سڀني کان وڌيڪ گرمي پد نوابشاهه ۾ 48 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، هوا ۾ نمي جو تناسب 76 سيڪڙو آهي ۽ سامونڊي هوائون 9 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهي