وڌيڪ دير، موبائيل فون بيٽريون چارج رهڻ جي ٽيڪنالوجي

ڪراچي: گهڻي عرصي تائين اسان جا اسمارٽ فونز ليٿيم بيٽرين سان تيار ڪيا ويندا رهيا، ڀلي اهو ماضيءَ جو نوڪيا 3310 هجي يا جديد ترين آءِ فون 16 پرو. پر ڇا توھان ڄاڻو ٿا ته هاڻي هلڪين ۽ پترين اسمارٽ فونز جي پويان انهن بيٽرين ۾ آيل هڪ نئين انقلابي تبديلي اچي وئي آهي. رپورٽن موجب، ٽيڪنالاجي جي جديد ترين ڊوائيسز ڪيترن سالن تائين ليٿيم آئن بيٽرين تي دارومدار رکيو، پر هاڻ انهن بيٽرين جي جاءِ تي سليڪون ڪاربان سان ٺهيل بيٽريون اچي ويون آهن. سليڪون بيٽريون، ليٿيم آئن بيٽرين جي ڀيٽ ۾ ننڍيون ۽ وزن ۾ هلڪيون ٿين ٿيون، جنهن جي ڪري ڊوائيسز کي وزن ۾ گهٽ ۽ سائيز ۾ سنهو يا پترو رکڻ ممڪن ٿيو آهي.
سليڪون ڪاربان بيٽرين، ليٿيم آئن بيٽرين کان ڪيئن مختلف آهن؟
سليڪون ڪاربان بيٽرين جي تياري ۾، ليٿيم آئن بيٽرين ۾ استعمال ٿيندڙ گرافائيٽ اينوڊز (graphite anodes) جي جاءِ تي سليڪون اينوڊز استعمال ٿين ٿا. سليڪون، گرافائيٽ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دير تائين چارج رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بنيادي طور تي، اهي بيٽريون سليڪون ۽ ڪاربان تي مشتمل هونديون آهن، جن جي ڪري سليڪون بيٽري، ليٿيم آئن بيٽري جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ توانائي (انرجي) محفوظ ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي، ۽ اهڙيءَ ريت ڊوائيسز کي هاڻ وڌيڪ پترو بڻائڻ ممڪن ٿي ويو آهي.
سليڪون ڪاربان بيٽرين جا فائدا
سليڪون بيٽريون، ليٿيم آئن بيٽرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ماحول دوست سمجهيون وڃن ٿيون. اهي بيٽريون گهٽ ڪاربان خارج ڪن ٿيون ۽ انهن جو اي-ويسٽ (E-waste) آسانيءَ سان ضايع ڪري سگهجي ٿو. سليڪون ڪاربان بيٽرين جو سڀ کان وڏو فائدو انهن جو ننڍڙو (ڪمپيڪٽ) سائيز آهي، جنهن سبب ڪيترين ئي ڪمپنين فونز جي تياري ۾ هاڻ انهن بيٽرين جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔