سعودي پاران پاڪستان کي 3 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ واري مدي ۾ واڌ

اسلام آباد: سعودي عرب هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي پنهنجي 3 ارب ڊالر جي جمع جي مدت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.اسٽيٽ بينڪ جي ذريعن موجب، سعودي ترقياتي فنڊ پنهنجي 3 ارب ڊالر جي جمع جي مدت ۾ هڪ سال جو واڌارو ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي 3 ارب ڊالر جي جمع جي مدت اڄ ختم ٿي رهي آهي.سعودي عرب جا 3 ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وٽ آهن.سعودي عرب 2021 ۾ پاڪستان کي 3 ارب ڊالر جي جمع فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدي تي صحيح ڪئي هئي.

تبصرے بند ہیں۔