واشنگٽن: آمريڪا جي ايوانِ نمائندگان جي 44 ڊيموڪريٽڪ ميمبرن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو کي هڪ خط لکي، پاڪستان ۾ وڌندڙ “سرحد پار ڌمڪين، ۽ انساني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال” تي سينيئر پاڪستاني عملدارن خلاف فوري پابنديون لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هي قدم ڊيموڪريٽڪ ڪانگريس وومين پرمِيلا جئپال ۽ ڪانگريس ميمبر گريگ ڪاسار جي اڳواڻي ۾ کنيو ويو، ۽ ان تي الهان عمر ۽ رشيده طيب سميت ڪيترن ميمبرن صحيحون ڪيون، جيڪي فلسطين ۽ ٻين مسلمان معاملن لاءِ آواز اٿارين ٿيون. اربع ڏينهن تي خط پڌرو ڪيل خط ۾ آمريڪي قانون سازن مطالبو ڪيو ته پاڪستاني فوجي اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد ڪندڙ آمريڪي شهرين ۽ رهاڪن کي ڌمڪائڻ ۾ ملوث عملدارن تي ويزا پابنديون ۽ اثاثا منجمد ڪرڻ جهڙيون هدف بند قدم کنيا وڃن، ۽ گڏوگڏ انهن جي پاڪستان ۾ رهندڙ گهروارن جي تحفظ کي به يقيني بڻايو وڃي. ڊان اخبار جي خبر موجب پاڪستان جي پرڏيهي وزارت يا واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ڪو تڪڙو رد عمل سامهون ناهي آيو. ان خط ۾ چيل آهي ته واشنگٽن کي انهن ماڻهن خلاف قدم کڻڻ گهرجن جيڪي “رياستي طاقت استعمال ڪري سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وجهن ٿا، شهرين کي پرديس ۾ ڊيڄارين ۽ ڌمڪائين ٿا، ۽ جمهوريت کي مسمار ڪن ٿا”، اهڙو موقف فرسٽ پاڪستان گلوبل نالي رائيٽس گروپ ظاهر ڪيو جيڪو PTI سان همدردي رکي ٿو ۽ هن خط کي ميڊيا ۾ جاري ڪيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته: “تازن سالن ۾ جيڪي آمريڪي شهرين يا رهاڪن پاڪستان ۾ آمرانه قدمن جي مخالفت ڪئي آهي، تن کي ڌمڪيون، هراسانيون ۽ انتقامي ڪارروايون برداشت ڪرڻيون پيون آهن. جن ۾ سندن پاڪستان ۾ رهندڙ مٽن مائٽن کي به نشانو بڻايو ويو آهي. جن ۾ من گهڙت گرفتاريون، زبردستي، ۽ انتقامي تشدد شامل آهن.” قانون سازن خبردار ڪيو ته پاڪستان ۾ آمرانه بحران وڌيڪ گهاٽو ٿي رهيو آهي۔ انهن چيو: سياسي اڳواڻ بنا چارج جي گرفتار، صحافين کي ڊيڄايو وڃي ٿو يا جلاوطنيءَ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو، عام شهرين کي سوشل ميڊيا پوسٽن تي گرفتار ڪيو وڃي ٿو، عورتون، مذهبي اقليتون، ۽ خاص طور بلوچستان جا ماڻهو حد کان وڌيڪ ظلم جو شڪار آهن. خط ۾ وڌيڪ لکيل هو: “هي آمرانه نظام لڳاتار داٻ دڙڪن ذريعي قائم رکيو پيو وڃي۔ سياسي اڳواڻن کي بنا چارج قيد ڪيو وڃي ٿو، شفاف ٽرائل کان محروم رکيو وڃي ٿو، صحافين کي اغوا ڪيو وڃي ٿو، ۽ شهرين کي سوشل ميڊيا پوسٽن تي گرفتار ڪيو وڃي ٿو.
تبصرے بند ہیں۔