ٽوال جي وچ ۾ ليڪن وارو پَٽو ڇو هوندو آهي؟ انوکي حقيقت

سوشل ميڊيا تي هڪ سوال وائرل ٿيو ته ٽوال جي وچ ۾ لڪيرون ڇو ٿينديون آهن؟ ڪيترن ئي ماڻهن ان تي ڀوڳ ڪيا. جڏهن ته ڪجهه ان ان جو اصل جواب ڳولهڻ لڳا.

ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته اهي لڪيرون ٽوال کي جلدي سڪڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، پر حقيقت ڪجهه ٻي آهي.

اصل ۾، انهن لڪيرن کي "ڊوبي بارڊر” چيو ويندو آهي، جيڪي ٽوال کي وڌيڪ مضبوط ۽ ڊگهي عرصي تائين پائيدار بڻائينديون آهن.

اهي نه رڳو پاڻي جذب ڪرڻ جو عمل بهتر ڪن ٿيون، پر گهڻا ڀيرا ڌوئڻ تي به ٽوال جي ريشن، تندن کي خراب ٿيڻ کان بچائين ٿيون.

ٽوال ٺاهيندڙن جو چوڻ آهي انهن لڪيرن جو مقصد ٽوال کي نرم، هلڪو وزني ۽ وڌيڪ ڪارائتو بڻائڻ آهي، جڏهن ته اهي ان جي خوبصورتي به وڌائين ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔