يوٽيوب ۾ وڏي ڦيرڦار، واهپيدارن جي آمدني متاثر ٿيندي؟

يوٽيوب ۾ هڪ وڏي ڦير ڦار ڪئي وئي آهي، جيڪا خاص طور تي مختصر وڊيوز پوسٽ ڪندڙ واهپيدارن کي تمام گهڻي پسند ايندي.
ييوٽيوب شارٽس جي ويُوز ڪائونٽ کي تبديل ڪيو پيو وڃي ته جيئن واهپيدار وڌيڪ بهتر طريقي سان سمجهي سگهن ته سندن وڊيوز ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿي رهيون آهن.
هاڻ يوٽيوب شارٽس ۾ ڪنهن به مختصر وڊيو کي پلي يا ريپلي ڪرڻ جا نمبر واضح طور نظر ايندا.
ان کان اڳ شارٽس وڊيوز ۾ رڳو اهو ڏيکاريو ويندو هو ته وڊيو ڪيتري دير لاءِ ڏٺي وئي، پر هاڻي نئين سسٽم سان واهپيدار صحيح انگ اکر ڏسي سگهن ٿا ته سندن وڊيو ڪيئن پئي هلي.
يوٽيوب موجب، اها تبديلي واهپيدارن جي مطالبي تي ڪئي وئي آهي، ڇو ته هو اهو ڄاڻڻ چاهين پيا ته سندن شارٽس وڊيوز حقيقت ۾ ڪيترا دفعا ڏٺو ويندو آهي.
هن نئين اپڊيٽ کانپوءِ، يوٽيوب شارٽس ۾ وڊيوز ويُوز وارو سسٽم لڳ ڀڳ ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام ريلز جهڙو ٿي ويو آهي، جتي وڊيو کي ڏسڻ يا ريپلي ڪرڻ جو انگ ڏيکاريو ويندو آهي.
واهپيدار اڃا به شارٽس وڊيوز جي ڏسڻ جي دورانيي کي ”ايڊوانسڊ موڊ“ ذريعي ڏسي سگهن ٿا، جنهن کي هاڻي ”انگيجد ويُوز“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
ڪمپني واضح ڪيو آهي ته هن تبديلي سان واهپيدارن جي اُن آمدني تي ڪو به اثر نه پوندو، جيڪا وڊيو ڏسڻ تي ملي ٿي ۽ نه ئي يوٽيوب پارٽنر پروگرام ۾ شموليت جي اهل هجڻ تي ڪو فرق پوندو، هي نئون سسٽم 31 مارچ کان لاڳو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔