اسلام آباد: سوئي گيس ڪمپنين ايندڙ مالي سال کان گيس مهانگي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
نجي چينل جي رپورٽ موجب سوئي ناردرن گيس جي قيمت ۾ 735 روپيه 59 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ سوئي سدرن اڳوڻي شارٽ فال سميت گيس جي قيمت ۾ 2443 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو اضافو گهريو آهي.
انهي کان علاوه گيس ڪمپنين مالي سال 2025-26 جي مالي ضرورتن جون درخواستون به جمع ڪرايون آهن. سوئي ناردرن 700 ارب 97 ڪروڙ روپين جي مالي ضرورتن جي فراهمي ۽ 207 ارب 43 ڪروڙ 50 لک جو شارٽ فال وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
انهي سان گڏ سوئي نادرن گيس جي اوسط قيمت 2485 روپيه 72 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي به درخواست داخل ڪئي آهي.
سوئي سدرن 883 ارب 54 ڪروڙ 40 لک روپين جي ماليت ضرورتن ۽ 44 ارب 33 ڪروڙ 20 لک روپين جي شارٽ فال جي وصولي جي درخواست ڪئي آهي جڏهن ته سوئي سدرن گيس جي اوسط قيمت 4137 روپيه 49 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي به درخواست داخل ڪئي آهي.
اختيارين موجب سوئي ناردرن جي درخواست تي 18 ۽ 28 اپريل تي لاهور ۽ پشاور ۾ ٻڌڻيون ٿينديون جڏهن ته سوئي سدرن جي درخواست تي 21 ۽ 23 اپريل تي ڪراچي ۽ ڪوئٽه ۾ به ٻڌڻيون ٿينديون.