پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي: پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جي ضمانت عدالت رد ڪري ڇڏي، کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت 26 نومبر تي پي ٽي آءِ احتجاج ۽ لانگ مارچ جي 2 ڪيسز ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان جي عبوري ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

عدالت ٻن ڪيسز ۾ پوليس کي عمر ايوب جي گرفتاري جي اجازت به ڏئي ڇڏي جڏهن ته 26 نومبر احتجاج جي ڪيسز ۾ گرفتار 27 ڪارڪنن جون ضمانتون به منظور ڪري ورتيون.

دهشتگردي جي خصوصي عدالت جي جج امجد علي شاهه 24 ۽ 26 نومبر جي احتجاج ڪيسز ۾ گرفتار جوابدارن جي ضمانت واري درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. مخالف ڌر جو اڳواڻ عمر ايوب خان حسن ابدال ٿاڻي جي ٻنهي ڪيسز ۾ طلبي باوجود پيش نه ٿيو جڏهن ته سندس وڪيل ڊاڪٽر بابر اعواڻ به عدالت ۾ نه آيو، جنهن تي انهي جون عبوري ضمانتون رد ڪيون ويون.

پي ٽي آءِ جي 2 عورت اڳواڻن صنم جاويد ۽ مثال يوسفزئي جي عبوري ضمانت جي درخواستن ۾ 22 مارچ تائين واڌ ڪئي وئي ۽ 27 ڪارڪنن جون ضمانتون واريون درخواستون منظور ڪندي انهن کي 50 هزار روپين کان هڪ لک روپين تائين جي ماليت جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔