راولپنڊي : مسلسل برسات سبب آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي ميچ رد ڪئي وئي. راولپنڊي ۾ مسلسل هلڪي برسات سبب آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ميچ رد ڪيو ويو ۽ ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ مليو. ٻنهي ٽيمن پنهنجي گروپ ۾ هڪ هڪ ميچ کٽي آهي ۽ ٻنهي جا هڪجيترا يعني ٽي ٽي پوائنٽ آهن پر گروپ بهتر رن ريٽ سبب آسٽريليا پهرين ۽ ڏکڻ آفريڪا ٻئي نمبر تي آهي. پاڪستان جي ٽيم جيڪا ڪالهه دبئي کان اسلام آباد پهتي هئي ان کي اڄ راولپنڊي ۾ پريڪٽس ڪرڻي هئي جيڪا پڻ رد ڪئي وئي. پاڪستان گروپ ليول جو آخري ميچ خميس تي بنگلاديش سان کيڏندو.