اتحادي حڪومت سان هلڻ مجبوري آهي، معاهدن تي عمل نه ٿي رهيو آهي: صدر آصف زرداري

لاهور: صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اتحادي حڪومت سان هلڻ اسان جي مجبوري آهي، مون کي چڱي ريت خبر آهي ته لکيل معاهدي وارن نڪتن تي عمل نه ٿي رهيو آهي.

صدر آصف علي زرداري سان پيپلز پارٽي پنجاب جي پارلياماني وفد جي ميمبرن ۽ تنظيمي اڳواڻن گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. ذريعن موجب پارٽي اڳواڻن آصف زرداري جي سامهون شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا.

وفد جي ميمبرن چيو ته  انتظامي معاملن ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ترقياتي فنڊز جي ورهاست جي معاملي ۾ به ترجيح نه پئي ڏئي وڃي، پارلياماني وفد صدر کي تڪن جي مسئلن کان به آگاهي ڏني.

صدر سان ملاقات ڪندڙن ۾ پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر، پيپلز پارٽي جي پارلياماني اڳواڻ پنجاب اسيمبلي سيد علي حيدر گيلاني، اڳوڻي پنجاب جي گورنر مخدوم احمد محمود، پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن سردار ممتاز علي چانگ، ملڪ واصف  مظهر رانا، ڄام رئيس نبيل، رانا اقبال، سراج قاضي، احمد سعيد، ميان ڪامران، عبدالله، مڙل، سيد عامر شاهه، حبيب الرحمان چانگ، انعام باري، نرگس فيض، ملڪ نيلم جبار ۽ شازيه عابد شامل آهن.

صدر آصف علي زرداري پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي مسئلن بابت وزيراعظم سان ڳالهائيندس پارلياماني وفد ايندڙ بجيٽ تائين مسئلا حل ٿيڻ جو انتظار ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔