گووندا کي ايندڙ جنم ۾ منهنجو مڙس نه هجڻ گهرجي: سنيتا

ممبئي: بالي ووڊ سپر اسٽار گووندا ۽ سندس زال سنيتا آهوجا جي وچ ۾ 37 سالن جي شادي کان پوءِ طلاق جون افواهون هندستاني ميڊيا تي ڇانيل آهن.گووندا ۽ سنيتا جي وچ ۾ طلاق جو سبب سپر اسٽار جو 30 سالن جي مراٺي اداڪارا سان تعلق ٻڌايو ويو آهي، پر ان حوالي سان ڪا به تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف گذريل مهيني ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي، سنيتا آهوجا پڻ اعتراف ڪيو ته “محبت انڌي هوندي آهي، پر هاڻي منهنجون اکيون کُلي رهيون آهن،ڳالهه ٻولهه دوران سنيتا گووندا سان مايوسي جو اظهار ڪندي اهو به چيو ته مان گووندا کي ايندڙ جنم ۾ پنهنجي مڙس جي روپ ۾ ڏسڻ نٿي چاهيان، مون گووندا کي اهو به چيو آهي ڇو ته هو موڪلن تي نه ٿو وڃي، مان پنهنجي مڙس سان گڏ روڊن تي پاڻيپوري کائڻ چاهيان ٿي پر گووندا ڪم ۾ تمام گهڻو مصروف آهي، اسان ڪڏهن گڏ فلم ڏسڻ به نه ويا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔