سي ڊي اي اسلام آباد ۾ پاڻي جي قلت جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) شهر ۾ پاڻي جي کوٽ بابت خدشو ظاهر ڪيو آهي،سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن هائوسنگ جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر ناصر بٽ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سي ڊي اي وفاقي راڄڌاني ۾ پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني.عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اسلام آباد کي راول ڊيم، خانپور ڊيم ۽ سملي ڊيم مان پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته هن سال مينهن نه پوڻ سبب پاڻي جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن. سملي ڊيم ۾ صرف جون تائين پاڻي بچيو آهي، جڏهن ته راولپنڊي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔