سيئول : ڏکڻ ڪوريا جي اداڪارا ڪِم سائي رون پنهنجي گهر ۾ مئل حالت ۾ ملي آهي. اداڪاره جي عمر 24 سال هئي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب 24 سالن جي اداڪارا ڪِم سائ رون جو لاش راڄڌاني سيئول ۾ سندس رهائشي اپارٽمينٽ مان مليو آهي. ڪورين هيرالڊ جي مطابق، پوليس اداڪاره جي موت جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته انهن کي اڃا تائين مجرمانه سرگرمي يا ٻاهرين مداخلت جو ڪو به ثبوت نه مليو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب، ڪِم سائ رون ڏکڻ ڪوريا جي ڪامياب ترين اداڪارائن مان هڪ هئي.2022 ۾، اداڪاره شراب جي نشي ۾ گاڏي هلائيندي پنهنجي ڪار ٻي گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي. هن حادثي کان پوءِ سندس ڪيريئر کي سخت نقصان پهتو.