سينيٽ اجلاس ۾ ٻيهر هنگامو: ڊپٽي چيئرمين ٽن اپوزيشن ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي

اسلام آباد:  سينيٽ اجلاس  ٻيهر هنگامي جي نذر ٿي ويو، اپوزيشن ميمبرن ڊپٽي سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو جنهن سبب اجلاس ۾ بدنظمي پيدا ٿي وئي.

ڊپٽي سينيٽ چيئرمين سيدال خان اپوزيشن ميمبرن عون عباس، همايون مهمند ۽ فلڪ ناز چترالي جي رڪنيت هلندڙ سيشن لاءِ معطل ڪندي انهن کي ايوان مان نڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا جنهن تي اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو.

اپوزيشن ميمبرن ايوان ۾ ڊپٽي چيئرمين استعيفيٰ ڏيو جا نعرا لڳايا، اپوزيشن اڳواڻ شبلي فراز چيو ته گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس جي دوران ميمبرن سان رکيل سلوڪ قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي.

ڊپٽي چيئرمين سينيٽ گذريل ڏينهن جي رولنگ جي وضاحت ڪندي چيو ته هائوس کي قانون موجب هلايو ويندو ۽ غيره سنجيده رويو برداشت نه ڪيو ويندو.

قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ معاملو رفع دفع ڪرڻ ۽ اجلاس جي ڪارروائي اڳيان وڌائڻ جي تجويز ڏني. اپوزيشن جي نعرن ۽ احتجاج جي جواب ۾ حڪومتي ميمبرن تي تنقيدي جملن جي برسات ڪئي.

ايوان ۾ انهي وقت وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿي جڏهن اپوزيشن سينيٽ چيئرمين کي بازياب ڪرايو جا نعرا لڳايا جنهن کان پوءِ ڊپٽي چيئرمين اجلاس جمعي جي صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔