ڊيره اسماعيل خان: ڪُرم ۾ امدادي کڻي ويندڙ قافلي تي هڪ دفعو ٻيهر حملو ڪيو ويو آهي جنهن دوران سخت فائرنگ ڪندي امدادي گاڏين مان سامان به ڦر ڪيو ويو آهي.
ضلعي انتظاميه موجب ٽل کان 130 گاڏين تي ٻڌل قافلو روانو ٿيو جنهن ۾ 5 آئل ٽينڪر به موجود آهن. لوئر ڪرم ۾ قافلي تي هڪ دفعو ٻيهر حملو ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ فائرنگ جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي جڏهن ته انتظاميه قافلي کي روان دوان رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سرڪاري ذريعن موجب لوئر ڪرم جي چارخيل جي هنڌ تي قافلي تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ گاڏين مان امدادي سامان ۽ دوائون ڦر ڪيون ويون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرم ڏانهن ويندڙ گاڏين تي فائرنگ ڪئي وئي، 40 گاڏيون ٽل کان پارا چنار طرف وڃي رهيون هيون.