اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) جي اعليٰ اختيارين پنهنجي پگهارن ۾ 3 سيڪڙو تائين اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب نيپرا اختيارين ڪابينه جي منظوري کان سواءِ پنهنجي پگهارن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. نيپرا چيئرمين جي گڏيل پگهار 32 لک 50 هزار روپيه آهي، نيپرا عهديدارن جي پگهار 29 لک 50 هزار روپين تائين پهچي وئي، نظرثاني ٿيل معاوضي جي پيڪيج ۾ 7 لک 73 هزار روپين جي بنيادي پگهار شامل آهي.
نيپرا اختيارين ججز جي جوڊيشل الائونس جيان پنهنجي لاءِ الائونسز جي منظوري ڏني، الائونسز ۾ ماهوار 6 لک 31 هزار کان 7 لک روپيه ريگوليٽري الائونس جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيپرا آفيسرن 2024 جي لاءِ 5 لک 87 هزار روپين کان 6 لک 50 هزار روپين جي ايڊهاڪ رليف به حاصل ڪري ورتو. نيپرا آفيسرن 2023 جي لاءِ 5 لک 44 هزار کان 6 لک روپين جي شرح سان ايڊهاڪ رليف جي اهل به ٿي ويا.
رپورٽ موجب 2022 جي لاءِ هڪ لک 5 هزار کان هڪ لک 16 هزار روپيه ماهوار، 2021 جي لاءِ 70 هزار کان 77 هزار 300 روپيه ماهوار ايڊهاڪ رليف جي طور تي گهر جو ڪرايو الائونس به ڏنو ويندو. ٻين مراعتن ۾ 96 هزار روپيه ۽ يوٽيلٽي الائونس 32 هزار کان 35 هزار روپيه شامل آهن. آفيسرن جي گڏيل پگهارن جو پيڪيج هاڻ 29 لک 50 هزار روپين مان وڌي 32 لک 50 هزار روپين تائين پهچي ويو آهي. نيپرا آفيسر هاڻ اعليٰ عدالتن جي ججن کان به وڌيڪ پگهارون ۽ مراعتون حاصل ڪندا.
ذريعن موجب نيپرا آفيسرن اها ترميم حڪومت جي منظوري کان سواءِ ڪئي آهي. نيپرا جا گهڻا ميمبر ۽ چيئرپرسن عام طور تي رٽائرڊ بيورو ڪريٽس ٿيندا آهن. هن وقت نيپرا جا چيئرپرسن ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان سان تعلق رکندڙ 2 ميمبر رٽائرڊ بيورو ڪريٽس آهن.