ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ نفرت جي سياست ڪئي وئي: وزيراعظم
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ نفرت جي سياست ڪئي وئي، جنهن سبب ملڪ کي ڪافي نقصان پهتو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي معيشت کي صحيح ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي آهي ۽ ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي، عوام کي بهتر معيشت جا ثمر هن وقت کان ئي ملڻ شروع ٿي ويا آهن.
هن چيو ته اسان سفارشي ڪلچر کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته حالتون ڪافي مشڪل هيون، سياسي جهيڙن سان صرف نفرت پکڙجندي آهي جيڪا ملڪ کي وڌيڪ نقصان پهچائي ٿي. شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ نفرت جي ڪلچر کي هٿي ڏني وئي انهي نفرت جي ڪلچر ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، گڏيل اتفاق ۽ اتحاد سان ئي ملڪ کي ترقي ڏياري سگهجي ٿي.
هن چيو ته مهانگائي جي شرح هن وقت سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿيندي. مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ ۾ پوري ٽيم جون ڪوششون شامل آهن. وزيراعظم چيو ته سرڪاري آفيسرن کي به ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ اسٽيڪ هولڊرز کي خلوص نيت سان ڪم ڪرڻو پوندو. فوج ملڪي سلامتي جي لاءِ حياتين جون قربانيون ڏئي رهي آهي.