لداخ ڇڪتاڻ: چين ڀارت کان واقعي جي ذميوارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

بيجنگ: چيني پرڏيهي وزارت ڀارتي هم منصب کي ٽيليفون ڪري گلوان ۾ پيش ايندڙ واقعن کي مڪمل جاچ ۽ ذميوارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

لداخ جي علائقي وادي گلوان ۾ ڀارت ۽ چين وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي. چين جي فوج لداخ ۾ دره قراقرم جي ويجهو نيون پوزيشنون سنڀالي ورتيون آهن. جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي.

چيني پرڏيهي وزير ڀارتي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ چيني پرڏيهي وزارت طرفان ڀارت تي زو رڏنو ته گلوان ۾ پيش ايندڙ واقعي جي مڪمل جاچ ڪري ذميوارن کي سزا  ڏني وڃي.

چيني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ڀارت علاقائي خود مختاري جي عزم کي هلڪو نه وٺي ۽ آئنده اهڙن واقعن کان بچڻو آهي ته فوري طور تي هر قسم جي اشتعال انگيزي بند ڪري.

ٻئي طرف ڀارتي پرڏيهي وزير چيو آهي ته ڀارت ڳالهين ذريعي سرحدي ڇڪتاڻ جو حل چاهي ٿو جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڪل آل پارٽيز ڪانفرنس به طلب ڪري ورتي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔