جهانگير ترين پاران لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات جي ترديد

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين لنڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سان ملاقات جي ترديد ڪئي آهي.

پنهنجي آڊيو بيان ۾ جهانگير ترين چيو ته نواز شريف سان ملاقات ناهي ڪئي ۽ نه ڪئي ڪرڻ چاهيان ٿو. منهنجي باري ۾ (ن) ليگ جي ميڊيا سيل ڪوڙيون خبرون ڦهلائي رهيو آهي.

جهانگير ترين وڌيڪ چيو ته مون جدوجهد ئي ان جي خلاف ڪئي آهي، عمران خان سان منهنجا اختلاف ٿي ويا آهن ته آئون موقعي پرست سياستدان ناهيان ته ان سان گڏ وڃي ويهي رهان.

جهانگير ترين چيو ته آئون اصولي سياستدان آهيان، پي ٽي آءِ سان ايمانداري سان گڏ هليو آهيان، جيڪڏهن اتي ڪي مسئلا ٿي ويا آهن ته ان ۾ منهنجي ڪا غلطي ناهي، آئون الڳ سان ويٺو آهيان، جيڪو الله تعاليٰ کي منظور هوندو اهو ئي ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔