ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ منافعي خورن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار وقار مهدي ۽ عثمان هنڱورو جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي جي سمورن ضلعن ۾ منافعي خورن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ وقار مهدي چيو ته منافعي خورن جي خلاف ڪارروائي لاءِ ٿاڻا ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٿاڻي ۾ بيورو آف سپلائي کاتو ۽ پوليس جو عملو شامل هوندو
هن چيو ته عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ ۽ ذخيره اندوزي کي روڪڻ چاهيون ٿا، انهي کان علاوه سمورن گودامن کي رمضان کان اڳ رجسٽرڊ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. بچت بازارن ۾ خصوصي اسٽال ۽ فروٽ جي مقرر ڪيل قيمتن کي يقيني بنايو ويندو جڏهن ته سبزي منڊين جا ڪولڊ اسٽوريج رجسٽرڊ ۽ انهن جي نگراني ڪئي ويندي.
وقار مهدي چيو ته نوان ٿاڻا سنڌ ۾ منافعي خورن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار رکندا. سموري صوبي ۾ مارڪيٽن جي نگراني لاءِ خصوصي ڊيوٽيون لڳائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.