سيڪيورٽي فورسز جو اتر وزيرستان ۾ آپريشن، 6 خوارج دهشتگرد مارجي ويا، مقابلي ۾ ميجر ۽ سپاهي شهيد

راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز جي اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 6 خوارج دهشتگرد مارجي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب مير علي ۾ آپريشن 29 ۽ 30 جنوري جي رات دير سان خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان ٻڌايو ويو آهي ته آپريشن جي دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻي جي خبر لڳائي جنهن دوران مقابلي ۾ 6 خوارج دهشتگرد مارجي ويا

آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ميجر سميت 2 جوان به شهيد ٿي ويا. دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي ميجر اسرار ۽ سپاهي محمد نسيم شهادت ماڻي، ميجر اسرار آپريشن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو.

آءِ ايس پي آر طرفان چيو ويو آهي ته علائقي ۾ خارجين جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي، فورسز پاڪستان مان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔