وزيراعظم سان گهرو وزير جي ملاقات، امن امان جي صورتحال ۽ آمريڪا جي دوري بابت آگاهي ڏني

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گروپن خلاف آپريشن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو آهي.

محسن نقوي وزيراعظم کي پنهنجي تازي آمريڪي دوري ۽ ان  دوران اهم آمريڪي اختيارين، ڪاروباري برادري ۽ سرمائيڪارن سان ملاقاتن جي حوالي سان آگاهه ڪيو.

جڏهن ته گهرو وزير وزيراعظم شهباز شريف کي چيمپين ٽرافي جي تيارين کان به آگاهه ڪيو جنهن تي شهباز شريف محسن نقوي سميت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪاوشن جي تعريف ڪئي.  گهرو وزير وزيراعظم کي امن امان جي صورتحال ۽ اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي ڪمن تي اڳڀرائي حوالي سان به بريفنگ ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔