واشنگٽن: آمريڪي مسافر جهاز ۽ فوجي هيليڪاپٽر ٽڪرائجي درياءَ ۾ ڪري پيا، 18 لاش ڪڍيا ويا

واشنگٽن: آمريڪي ايئر لائنز جو هڪ مسافر جهاز ۽ فوجي هيليڪاپٽر ريگن نيشنل ايئرپورٽ واشنگٽن جي ڀرسان فضا ۾ ٽڪرائجي  پوٽوميڪ درياءَ ۾ ڪري پيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع سامهون اچي رهيا آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب درياءَ مان هينئر تائين 18 لاش ڪڍيا ويا آهن، اڃان تائين ڪنهن به زنده شخص کي نه ڪڍيو ويو آهي. ٽيڪساس سان تعلق رکندڙ سينيٽر ٽيڊ ڪروز سوشل ميڊيا تي چيو ته اسان کي خبر آهي ته فوتگيون ٿيون آهن پر هن فوتين جو انگ ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو.

ايئرلائن موجب جهاز آمريڪي ايئرلائنز جي اڏام 5342 هو جنهن ۾ 60 مسافر ۽ عملي جا 4 ماڻهو سوار هئا اختيارين موجب هيليڪاپٽر ۾ 3 فوجي سوار هئا، جيڪي تربيتي اڏام اڏائي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. ريگن نيشنل ايئرپورٽ تي سمورين اڏامن جي ٽيڪ آف ۽ لينڊنگ جو عمل روڪيو ويو آهي.

حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز ۾ سوار هڪ عورت مسافر جو حوالو ڏيندي هڪ شخص ايئرپورٽ اختيارين کي چيو ته مون کي خبر ناهي ته اها اتي پهتي يا نه، ايترو چوندي ئي انهي شخص جي اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويا. آمريڪي فوج هڪ بيان ۾ چيو آهي ته انهي ڳالهه جي تصديق ڪري سگهجي ٿي ته اڄ رات جي واقعي ۾ ڪرندڙ جهاز ورجينيا جي شهر فوٽ بيلاور مان نڪرندڙ آرمي جو يو ايڇ 60 هيليڪاپٽر هو، اسان مقامي عهديدارن سان ڪم ڪري رهيا آهيون، وڌيڪ ڄاڻ ملڻ کان پوءِ ڪجهه ٻڌائي سگهون ٿا.

حادثي بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي به آگاهه ڪيو ويو آهي.، ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته فضائي حادثي بابت پوري طرح سان آگاهه ڪيو ويو آهي، صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهيان، جيئن ئي وڌيڪ تفصيل سامهون ايندا آگاهي ڏيندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔