ڪورونا وائرس: ڪراچي جي متاثرعلائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي: عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس سبب ڪراچي جي وڌيڪ متاثر علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب مذڪوره تجويز ڊپٽي ڪمشنر ضلعي غربي پيش ڪئي آهي. هن ان حوالي سان ڪراچي جي ڪمشنر کي باقاعده خط به موڪلي ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ضلع غربي فياض سولنگي طرفان ڪمشنر ڪراچي کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته منگهو پير جي يوسي 5، بلديه جي يوسي 3 ۽ 5 ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب اسمارٽ لاڪ ڊائون جي ضرورت آهي.

ان سلسلي ۾ ذريعن ٻڌايو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي لکيل خط ۾ تجويز پيش ڪئي آهي ته سائٽ جي يوسي 4 ۽ يوسي 6 ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊپٽي ڪمشنر ضلع غربي فياض سولنگي موجب مومن آباد جي يوسي 6 ۽ غازي آباد ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻ جي ضرورت آهي.

رپورٽ موجب ڊي سي ضلع غربي پنهنجي لکيل خط ۾ منگهو پير جي يوسي 6، ڪياماڙي جي يوسي 1، 2 ۽ 3 کي به ڪورونا وائرس سبب هاٽ اسپاٽ علائقن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ڪمشنر ڪراچي کي ڊپٽي ڪمشنر ضلع غربي طرفان موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته بلديه جي يوسي 4، 6 ۽ 7 به ڪورونا جي حوالي سان هاٽ اسپاٽ آهي. جڏهن ته يوسي 7، اورنگي جي يوسي 11 ۽ 12 کي به هاٽ اسپاٽ علائقن ۾ شامل قرار ڏنو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔