اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪا جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني وئي آهي.
ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب صدر آصف علي زرداري نئين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف به ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ آمريڪا پائيدار ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٽرمپ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ آهيان. وزيراعظم چيو ته ٻئي عظيم ملڪ سالن کان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، اسان مستقبل ۾ به امن، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين.
آمريڪا جي ٻيون ڀيرو صدر بنجڻ بنجڻ تي ڊونلڊ ٽرمپ جي لاءِ ٻين ملڪن مان به نيڪ خواهشن تي ٻڌل پيغام اچڻ جو سلسلو جاري آهي. روس جي صدر ولادي مير پيوٽن ٽرمپ کي حلف کڻڻ کان پهريان مبارڪباد ڏني. هن چيو ته سمورين مشڪلاتن جي باوجود ٽرمپ همٿ جو مظاهرو ڪيو ۽ کٽي ڏيکاريو.
پيوٽن يوڪرين جنگ ۽ ايٽمي هٿيارن تي نئين آمريڪي انتظاميه سان ڳالهيون ڪرڻ جو اشارو به ڏنو. ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو ته اميد آهي ته ٽرمپ جي ٻيون صدارتي مدو سموري انسانيت جي لاءِ بهتري آڻيندو. برطانيه جي بادشاهه چارلس ۽ برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر به ٽرمپ کي صدر بنجڻ تي مبارڪباد ڏني.
ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ انهي وقت وڌيڪ مضبوط ٿيندا جڏهن گڏجي ڪم ڪندا.
ڀارتي وزيراعظم به ٽرمپ کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي، جرمن چانسلر اولاف شولز، نيٽو ۽ يورپي يونين جي سربراهن طرفان به ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني وئي.