انٽرا پارٽي چونڊون: اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي 11 فيبروري تائين مهلت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن ٻڌڻي ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ چيئرمين کي چيو ته بيرسٽر صاحب اهو ڪيس 30 اپريل 2024 کان هلي رهيو آهي، پي ٽي آءِ طرفان اڃان تائين لکت ۾ جواب  جمع ناهي ڪرايو ويو.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اوهان کي پنج درخواستن ۽ نوٽيس تي جواب جمع ڪرائڻو آهي. جنهن جو جواب  ڏيندي بيرسٽر گوهر چيو ته نوٽيس جو جواب اسان ڏئي چڪا آهيون، درخواستگذارن جي گذارشن جو جواب ايندڙ ٻڌڻي تي جمع ڪرائينداسين.

انهي موقعي تي اڪبر ايس بابر چيو ته ڪيس جو فيصلو ٿيڻ تائين پي ٽي آءِ جا اڪائونٽس منجمند ڪيا وڃن. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي ايندڙ ٻڌڻي تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي  11 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔