اسلام آباد: نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪندي ڪراچي ۾ بجلي بحران جي سخت انڪوائري جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.عوامي ٻڌڻي دوران ڪراچي جي رهواسين، صنعتڪارن ۽ واپارين ڪي اليڪٽرڪ جي ناقص ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪمپني تي حڪومت جي رليف پيڪيج ۾ ناڪامي جو الزام هنيو ۽ چيو ته اها ڪمپني صنعتن ۽ ڪمرشل کي قابل اعتماد بجلي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي،ڪارروائي دوران هڪ موقعي تي جنريشن لائسنس رد ڪرڻ جي تجويز تي به غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي مسلسل لوڊشيڊنگ وفاقي حڪومت جي سياري جي رليف پيڪيج کي ناڪام بڻائي رهي آهي، جنهن سبب ڪاروباري پيداوار ۽ تجارتي سرگرميون وڌي نه ٿيون سگهن. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) به ڪي اليڪٽرڪ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ڪمپني 67 سيڪڙو بجلي جي فراهمي لاءِ نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) تي منحصر آهي.خيبرپختونخواهه جي ميمبر نيپرا مقصود انور ڪي اليڪٽرڪ جو جنريشن لائسنس رد ڪرڻ جي تجويز ڏني.