والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي، وڌيڪ 3 ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: ضلعي شوپيان ۾ ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جي دوران فائرنگ ڪري وڌيڪ 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل وادي جي ضلعي شوپيان ۾ ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جي دوران فائرنگ ڪري وڌيڪ 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ٽنهي نوجوانن کي ضلعي شوپيان جي علائقي ترڪ ونگام ۾ سرچ آپريشن جي دوران فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به قابض ڀارتي فوج ضلعي ڪلگام جي علائقي نيپوره ۽ ضلعي اسلام آباد جي علائقي لالن ۾ سرچ آپريشن دوران 4 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔