وفاقي وزير امين الحق به ڪورونا وائرس جو شڪار

ڪراچي: متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جو اڳواڻ ۽ وفاقي وزير سيد امين الحق جي ڪورونا ٽيسٽ واري رپورٽ پازيٽو اچي وئي آهي.

وفاقي وزير امين الحق موجب گذريل هڪ هفتي کان مون کي لاڳيتو بخار هو جيڪو ٽائيفائيڊ ۾ تبديل ٿي ويو هو. هن پنهنجو ڪورونا وائرس جو ٽيسٽ ڪرايو جيڪو پازيٽو آيو آهي.

امين الحق ٻڌايو ته بخار محسوس ٿيندي ئي مون پنهنجو پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو هو.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ هينئر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ڪيترائي ميمبر وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ڪجهه وائرس وگهي فوت به ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔