پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻ لاءِ ڪوبه دٻاءُ نه آهي، بني گالا منتقل ڪرڻ جي آڇ ناهي ڪئي:خواجه آصف

سيالڪوٽ: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان کي بني گاله منتقل ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي نه وري کيس آزاد ڪرڻ لاءِ ڪنهن قسم جو دٻاءُ آهي.

تقريب کي خطاب ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته تحريڪ انصاف طرفان پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جا سمورا طريقا ناڪام ٿي ويا آهن. عمران خان کي اڊيالا جيل مان بني گالا يا ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي ڪابه آڇ حڪومت طرفان نه ڪئي وئي آهي نه ئي ان جي آزادي لاءِ ڪو دٻاءُ آهي. انهي حوالي سان پي ٽي آءِ جي دعوائن ۾ ڪابه سچائي نه آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي جيل مان آزاد ڪرڻ جو فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي، نه منهنجو عدليه سان ڪو تعلق آهي ۽ نه ئي مان اڳڪٿي ڪندڙ آهيان جو وقت کان اڳ ٻڌائي ڇڏيان. دفاع واري وزير چيو ته حڪومت ملڪ ۾ اسياسي استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان آهي.

خواجه آصف چيو ته اهڙي دعويٰ تحريڪ انصاف وارا پاڻ ئي ڪندا آهن ته عمران خان کي گهر ۾ نظر بند ڪرڻ يا اڊيالا جيل کان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي هجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔