18 شيون مهانگيون، 10 سستيون، 23 جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، شماريات کاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد: شماريات کاتي چيو آهي ته هڪ هفتي دوران 18 شيون مهانگيون، 10 سستيون ۽ 23 جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو آهي.

رپورٽ موجب شماريات کاتي هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، رپورٽ موجب مهانگائي جي هفتيوار شرح ۾ 0.65 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.

هڪ هفتي دوران گيهه، ڊبل روٽي، ٿوم، ساڙڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪاٺيون، مڱن جي دال 2.56 سيڪڙو مهانگي، 5 ليٽر ڪوڪنگ آئل 1.56 سيڪڙو ۽ کنڊ 1.23 سيڪڙو مهانگيون ٿيون انهي کان علاوه 11 وڌيڪ شيون مهانگيون ٿيون. انگن اکرن موجب مهانگائي وڌڻ جي شرح سالياني بنيادن تي 1.90 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.

10 عام واهپي جي شين جون قيمتون گهٽ رهيون جنهن ۾ چانور، ماش دال، بصر جڏهن ته ٽماٽا 31.40 سيڪڙو سستا ٿيا، پٽاٽا 10.36 سيڪڙو، آنا 5.96 سيڪڙو ۽ چڻن جي دال 1.64 سيڪڙو سستي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔