جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ هاڻي هڪ دلچسپ فيچر تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪو واهپيدار جلد استعمال ڪري سگهندا.
واٽس ايپ لاءِ هڪ نئين فيچر جي تياري تي ڪم جاري آهي جيڪو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ڪميونٽي ٽيبز کانپوءِ سمورن واهپيدارن لاءِ ” ايونٽس “ پڻ باظابطا چيٽس ۾ موجود هجن.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، اهڙا ايونٽس جيڪي واهپيدار پنهنجي انفرادي چيٽس ۾ تخليق ڪندا اُهي ائين ئي هوندا جيئن گروپ چيٽس ۾ ٺاهيا ويا آهن ته جيئن پليٽفارم تي مستقل مزاجي برقرار رهي، يعني گروپ وارا فيچرز انفرادي چيٽ جو به حصو هوندا.
ان لاءِ ضرروي هوندو ته واهپيدار وضاحت سان گڏ ايونٽ لاءِ هڪ نالو پڻ فراهم ڪن.
ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته سمورن ميمبرن کي شيڊيول بابت ڄاڻ آهي، واهپيدار کي ايونٽ جي تاريخ به ٻڌائڻي پوندي.
ان کانسواءِ واهپيدارن وٽ هاڻي به ايونٽ جي خاتمي واري وقت جي وضاحت ڪرڻ جو اختيار هوندو، ميمبرن کي اِهو ڄاڻڻ جي قابل بڻائڻ ته ميٽنگ يا سرگرمي ڪٿي ٿيندي، ايونٽ سان گڏ هڪ هنڌ به ڳنڍي سگهجي ٿو.
هڪ ڀيرو جڏهن انفرادي چيٽ ۾ ڪو به ايونٽ ٺهي ويندو آهي، ته پاڻمرادو ان گفتگو ۾ شيئر ٿي ويندو ۽ وصول ڪندڙ کي آگاهه ڪيو ويندو .