ڀارت پاران موهين جو دڙو جي ٻولي سمجهڻ لاءِ 10 ڊالر انعام جو اعلان

ڪراچي: ڀارتي رياست تامل ناڊو جي وڏي وزير  ايم ڪي اسٽالن مهين جو دڙو مان هٿ آيل آڳاٽي ٻوليءَ جي اسڪرپٽ کي سمجهڻ لاءِ 10 لک آمريڪي ڊالرز جي انعام جو اعلان ڪيو آهي. موهن جو دڙو مان مختلف شين تي لکيل عبارت کي دنيا جا محقق ۽ ماهر اڃا تائين ڊي ڪوڊ نه ڪري سگهيا آهن ۽ ان دور جي ٻولي اڃا تائين هڪ وڏي ڳجهارت بڻيل آهي. سوال اهو آهي ته تامل ناڊو جي وڏي وزير مهين جو دڙو جي ٻولي سمجهڻ ۾ مدد ڪندڙ لاءِ ايڏي وڏي رقم جو اعلان ڇو ڪيو؟ سنڌوءَ تهذيب جي دريافت کي هڪ سئو سال مڪمل ٿيڻ تي چنائي ۾ منعقد ڪيل ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير ايم ڪي اسٽالن چيو ته سنڌو تهذيب جي دريافت کي هڪ سئو سال گذرڻ باوجود اسان اڃا تائين مهين جو دڙو جي ٻولي سمجهي نه سگهيا آهيون، مهين جي دڙو مان مليل اسڪرپٽ اسان لاءِ اڃا تائين هڪ وڏو راز بڻيل آهي. مهين جي دڙو جي ٻولي ڊي ڪوڊ ڪندڙ فردن يا ادارن کي هڪ ملين ڊالرز جو انعام ڏنو ويندو. تامل ناڊو جي وڏي وزير ايم ڪي اسٽالن برطانوي آرڪيالاجسٽ سر جان مارشل جي مجسمي جي پيڙهه جو پٿر به رکيو، سر جان مارشل 1921ع ۾ هڙاپا ۽ 1922ع ۾ مهين جو دڙو مان آڳاٽي سنڌو تهذيب جا آثار دريافت ڪيا هئا.  وڏي وزير ايم ڪي اسٽالن تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته سر جان مارشل جي انهن دريافتن  آريا سماج بابت مروج راين کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو، سر جان مارشل چيو ته  سنڌو ماٿري جي تهذيب آرين يا ويدن واري دور کان به اڳ جي آهي ۽ اها دراوڙن جي تهذيب ٿي سگهي ٿي. تامل ناڊو جي وڏي وزير پاران مهين جو دڙو جي ٻولي سمجهڻ لاءِ هڪ ملين ڊالرز جي انعام جو اعلان اهڙي وقت ڪيو ويو آهي جڏهن تامل ناڊو جي آرڪيالاجي کاتي جي اها تحقيق سامهون آئي آهي ته مهين جو دڙو ۽ تامل ناڊو جي آڳاٽين تهذيبن ۾ ڪيتريون ئي هڪ جهڙائيون ڏسڻ لاءِ مليون آهن. رپورٽ موجب ڏکڻ ڀارت ۽ سنڌو ماٿري جي آڳاٽن آثارن مان هٿ آيل تصويرن ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ هڪ جهڙائي نظر اچي ٿي. تامل ناڊو جي وڏي وزير ايم ڪي اسٽالن پاران مهين جو دڙو جي ٻولي سمجهڻ لاءِ 10 لک ڊالر انعام جي اعلان کي ڪجهه ماڻهو هڪ سياسي قدم قرار ڏئي رهيا آهن، هنن جو خيال آهي ته ايم ڪي اسٽالن اهڙا قدم کڻي پاڻ کي دراوڙ تهذيب ۽ ڪلچر جو وڏو محافظ ثابت ڪرڻ چاهي ٿو. تامل ناڊو جي وڏي وزير جا مقصد ڀلي ڪهڙا به هجن پر سنڌ سميت پاڪستان جي ماڻهن لاءِ يقينن اها آجيان ڪرڻ جوڳي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته مهين جو دڙو مان هٿ آيل ٻولي جا اسڪرپٽ ڊي ڪوڊ ٿيڻ سان هزارين سال آڳاٽي سنڌو تهذيب جي ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي ۽ اٿڻي ويهڻي بابت معلومات جا وڏا ڀنڊار هٿ ايندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔