اسلام آباد: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، وفاقي وزارتن ۽ ادارن ۾ اهڙيون خالي آساميون جن تي اڃا ڀرتي نه ٿي هئي، انهن مان 60 سيڪڙو خالي پوسٽون ختم ڪيون ويون آهن جن جو انگ تقريبن اڍائي لک آهي، هاڻي انهن آسامين تي ڀرتيون نه ڪيون وينديون. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته معيشت کي پائيدار ترقي ڏانهن وٺي وڃون، ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جو ڪم ڊسمبر کان جاري آهي، معاشي ترقي لاءِ خانگي شعبي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ناڻي واري وزير چيو ته وفاقي وزارتن جي 80 ادارن جو انگ گهٽائي 40 ڪيو ويو، يعني اڌ ادارا ختم ڪيا ويا، انهن مان ڪجهه ادارن کي ضم ڪيو ويو آهي، 2 وزارتن کي ضم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪامرس ڊويزن، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي 60 ذيلي ادارن مان 25 کي ختم، 20 ۾ گهٽائي ۽ 9 کي ضم ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته سروسز سان لاڳاپيل پوسٽن کي آئوٽ سورس ڪيو پيو وڃي، حڪومت رائٽ سائينگ ذريعي سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ چاهي ٿي.حڪومت جو ڪم پاليسيون ٺاهڻ آهي، روزگار فراهم ڪرڻ خانگي شعبي جو ڪم آهي، خانگي شعبي کي ملڪ جي معيشت کي سنڀالڻو آهي. محمد اورنگزيب چيو ته اسان حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته وفاق وٽ 43 وزارتون آهن، 400 ماتحت ادارا آهن. انهن سڀني لاءِ 900 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، ڪم هلي رهيو آهي ته ان لاڳت کي ڪيئن گهٽايو وڃي، اسان عوام جو پئسو بچائڻ لاءِ قدم کنيا آهن، ٻئي مرحلي ۾ 4 وزارتون ورتيون ويون، ٽئين مرحلي ۾ 5 وزارتن سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، رائٽ سائيزنگ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، هن چيو ته سمورين وزارتن جي رائيٽ سائيزنگ جو ڪم هلندڙ مالي سال جي پڄاڻيءَ کان اڳ جون 2025ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، اسان جي فيصلن جا اثر ايندڙ مالي سال ۾ نظر ايندا، ناڻي وزير چيو ته ڪا به اهڙي وزارت ناهي جيڪا رائٽ سائيزنگ ۾ شامل نه هجي، هن چيو ته ارڙهين ترميم جو مقصد اهو هو ته اهي سمورا اختيار ۽ وسيلا صوبن کي ڏنا وڃن جيڪي صوبن کي منتقل ڪيا وڃن.