اسلام آباد: ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي، پنجاب ۾ ڪوهيڙي سبب مختلف موٽر ويز کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو. استور ۾ پارو ڪاٽو 13، قلات ۾ ڪاٽو، 5، ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 4 ڊگري سينٽي گريڊ تان ڪـِري پيو.ان کان علاوه ملتان ۾ 6، اسلام آباد 7، لاهور 8 ۽ ڪراچي ۾ گرمي پد 9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويوموسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن سڀ کان گھٽ گرمي پد قلات ۾ ڪاٽو 10 ڊ گري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي پاسي موٽر وي ايم ٽو لاهور کان ڪوٽ مومن تائين بند ڪئي وئي آهي. ترجمان موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته لاهور عبدالحڪيم موٽر ويو ايم 3 به ڪوهيڙي سبب بند ڪئي وئي آهي. ايم 4 پنڊي ڀٽيان کان فيصل آباد ۽ لاهور سيالڪوٽ ايم 11 به ڪوهيڙي سبب بند آهي. قومي شاهراهه تي ٺوڪر، پتوڪي، اوڪاڙه ۽ ساهيوال تائين ڪوهيڙو آهي، پنجاب ۽ سنڌ جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ گھڻي ڪوهيڙي جو امڪان آهي. موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر ويز کي عوام جي حفاظت ۽ محفوظ سفر کي يقيني بڻائڻ لاءِ بند ڪيو ويندو آهي. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪوهيڙي ۾ لين جي ڀڃڪڙي حادثن جو سبب بڻجي سگھي ٿي، روڊ استعمال ڪندڙ لين ڊسپلين کي يقيني بڻائڻ، شهري وڌ کان وڌ ڏينهن جي وقت ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏين