ترقياتي منصوبن ۾ مبينه ڪرپشن جو ڪيس: پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي تي فرد جرم لاڳو

لاهور:   احتساب عدالت ترقياتي منصوبن ۾ مبينه ڪرپشن جي ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

احتساب عدالت جي جج زبير شهزاد ڪياني پرويز الاهي خلاف مبينه ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، چوڌري پرويز الاهي طرفان سندس وڪيل امجد پرويز عدالت جي ڪمري ۾ موجود هو.

ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ امجد پرويز عدالت کي ٻڌايو ته چوڌري پرويز الاهي عدالت ۾ پهچي چڪو آهي، اهو گاڏي کان ٻاهر نٿو اچي سگهي، ڪير به ٻاهر وڃي ڏسي سگهي ٿو پرويز الاهي عدالت ۾ موجود آهي.

ايڊووڪيٽ امجد پرويز چيو ته اسان اڳوڻي وڏي جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائڻ چاهيون ٿا، اسان هاڻ ڪيس کي اڳيان وڌائڻ چاهيون ٿا، اسان جي طرفان ڪيس ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني پيش نه ايندي.

جنهن کان پوءِ عدالتي عملي گاڏي ۾ وڃي پرويز الاهي جي حاضري مڪمل ڪئي، عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي، پرويز الاهي ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر هن فرد جرم جي شيٽ تي صحيح ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ  احتساب عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي گواهن کي طلب ڪري ورتو، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔