پيپلز پارٽي اسان جي اتحادي آهي، ننڍيون وڏيون رنجشون ٿينديون رهنديون آهن: احسن اقبال

ڪراچي: وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پيپلز پارٽي اسان جي اتحادي پارٽي آهي ۽ اتحادي حڪومت ۾ ننڍيون وڏيون رنجشون ٿينديون رهنديون آهن.

منصوبه بندي واري  کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان گڏ صحافين سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڻ ۾ ويهي مسئلي جو حل ڪڍي وٺنداسين، (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي 2 وڏيون سياسي پارٽيون آهن، جن جا پنهنجا پنهنجا نظريات آهن. جتي ملڪ جو مفاد هوندو آهي اتي ٻئي پارٽيون پنهنجي مفاد کي نه ڏسنديون آهن، (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي گڏجي ملڪ جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، اتحادين سان گڏجي ملڪ کي معاشي بحران ۽ دهشتگردي مان نجات ڏيارڻي آهي.

احسن اقبال چيو ته ماضي ۾ 3 اڏامون تباهه ٿيون آهن. اڙان پاڪستان ملڪ جي مستقبل جو منصوبو آهي. جيڪو سياست کان مٿانهون آهي. پيپلز پارٽي اسان جي اتحادي پارٽي آهي انهي جي تعاون سان حڪومت ۾ اهو پروگرام هلائي رهيا آهيون. اڙان پاڪستان جي معاملي تي خيبرپختونخواهه جي حڪومت کي به ڀروسي ۾ ورتو آهي.

هن چيو ته ملڪ کي ٽيڪنالاجي جي معيشت تي وجهڻ  حڪومت جي اوليت ۾ شامل آهي.  پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار ايڪسپورٽ تي آهي، 30 ارب ڊالر جي ايڪسپورٽ کي 100 ارب تائين کڻي وڃڻ ۾ 8 کان 15 سال لڳندا. اڙان پاڪستان جي تحت حدف حاصل ڪرڻ لاءِ صوبن کي گڏ کڻي هلنداسين. 2022 جي ٻوڏ کان پوءِ تباهي مان نڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪنداسين، اڙان پاڪستان حڪومت جو نه پاڪستاني قوم جو منصوبو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته ناڻي وارو وزير اين ايف سي اجلاس گهرائي رهيو آهي جنهن جو هن اعلان به ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت اڻ اعلانيل جنگ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سائبر اسپيس هڪ نئون محاذ آهي، هر ملڪ پنهنجي سائبر اسپيس کي محفوظ بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. آءِ ٽي بزنس جو تحفظ به حڪومت جي ذميواري آهي، وفاقي حڪومت رجسٽرڊ وي پي اين جي ذريعي بنا ڪنهن رنڊڪ جي انٽرنيٽ فراهم ڪيو. 34 سيڪڙو سافٽ ويئر ايڪسپورٽس ۾ اضافو ٿيو آهي.

احسن اقبال چيو ته مهانگائي وڌڻ جي شرح گهٽ ٿي وئي آهي ڇا اها سٺي ڳالهه نه آهي؟ مهانگائي وڌڻ جي شرح 38 سيڪڙو کان 4 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ 30 هزار تي هئي، هاڻ هڪ لک کان مٿي ٿي چڪي آهي، يقينن مسئلا حل آهن ۽ اسان ئي حل ڪنداسين، ملڪ جي اندروني ۽ بيروني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورين اتحادين جي اتفاق جي ضرورت آهي. وفاق وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني ماڻهن کان رسيدون گهرندو هو. جڏهن انهي کان رسيدون گهريون ويون ته انهي جون رسيدون ڪوڙيون نڪتيون، پي ٽي آءِ باني اصل رسيدون ڏيکاري ته اهو آزاد ٿي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔