لڪي مروت: لڪي مروت ۾ خيرو خيل پڪا ويجهو دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب ٻئي اهلڪار موٽرسائيڪل تي پوليس اسٽيشن وڃي رهيا هئا.ٻئي طرف گهرو وزير محسن نقوي لڪي مروت ويجهو پوليس اهلڪارن تي دهشتگردن جي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي.محسن نقوي فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ ٻن پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي قرباني کي سلام پيش ڪري ٿو.هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون، ڪي پي پوليس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جانين جو نذرانو ڏئي تاريخ رقم ڪئي.وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه پوليس جي قربانين جو قدر ڪري ٿو.