سيئول : ڏکڻ ڪوريا جي هڪ عدالت طرفان وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ جڏهن جاچ آفيسر راڄڌاني سيئول ۾ صدارتي محل پهتا ته صدر جي سيڪيورٽي ٽيم کين روڪيو.ڏکڻ ڪوريا جي صدارتي سيڪيورٽي سروس (پي ايس ايس) ڪرپشن جي الزامن جي تحقيقات لاء پهچي آفيسرن کي حراست ۾ ورتو.ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي قانون ساز جو سيونگ لي صدر يون جي محافظن کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.سندس چوڻ آهي ته سرڪاري آفيسرن کي ان ڏوهه جو حصو نه بڻجڻ گهرجي.