اسلام آباد : نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ لاءِ مالياتي بول کوليو ويو،مالياتي بوليءَ جي افتتاحي تقريب پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ ٿي، جنهن دوران صرف شارٽ لسٽ ڪيل ترڪي ڪمپني بوليءَ ۾ حصو ورتو، پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي ترجمان موجب ڪمپني اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي روينيو ۾ 47.25 سيڪڙو حصو ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي،پي اي اي ذريعن موجب ٽرانزيڪشن ايڊوائزر کي ترڪ ڪمپني جي آڇ جو جائزو وٺڻ لاءِ آءِ ايف سي ڏانهن موڪليو ويندو، آءِ ايف سي 9 جنوري تائين پنهنجي جائزي رپورٽ پي اي اي کي پيش ڪندي پر ترڪ ڪمپني جي تجويز جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا ڏيندي.