اسلام آباد: مري ۾ هڪ دفعو ٻيهر برفباري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، برفباري جو سلسلو هڪ دفعو ٻيهر شروع ٿيڻ کان پوءِ سياحن جي رش به وڌي وئي آهي. مري ۾ برفباري شروع ٿيڻ کان پوءِ سياحن جو وڏو انگ پهچي ويو آهي جيڪو برفباري پوڻ کان پوءِ مختلف علائقن ۾ انجواءِ ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف موسميات کاتي موجب لاهور ۾ برسات کان پوءِ ٿڌ ۾ اضافو ۽ فضائي آلودگي ۾ گهٽتائي نظر اچي رهي آهي.موسميات کاتي موجب سيالڪوٽ، گجرات، گوجرانوالا ۽ ظفروال سميت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ به برسات جو سلسلو جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي موجب آزاد ڪشمير ۾ برسات جڏهن ته جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي. ٻئي پاسي نيلم وادي ۾ شديد ٿڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. گريس وادي ۽ شونهڙ سميت مٿانهين علائقن ۾ درياءَ، نديون، نالا ۽ چشما ڄمي ويا آهن.بلوچستان جي اترين علائقن ۾ سخت ٿڌ وئي آهي جڏهن ته پشاور سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ به موسم ٿڌي ٿي وئي آهي.